Thari Mirwah

welcome in the site of Thari Mirwah

News

view:  full / summary

Being woman made her source of all powers

Posted by Sana Baloch on March 10, 2014 at 5:00 AM Comments comments (1)


Published

2014-03-08 16:57:14

.

This is part two of a three-part series. Read part one here.

 

Preparations for the wedding were elaborate. Sheherezade’s dress was sewn with golden threads. Seas were emptied to bring pearls for her. A diamond, as big as an egg, adorned her necklace. Choicest perfumes were brought from all over the kingdom and beyond.

 

Oils, ointments and herbs were applied to her for days to make her look even more beautiful than she was. Delicate patterns were made on her feet and hands with henna.

 

On the wedding night, the bride’s chamber was decorated with flowers collected from gardens far and near. Seven pieces of incense were burned inside the room, one in each of the four corners and two under the bed.

 

But please do not think this was done on the king’s order. He was more interested in preparations for the morning after than the wedding night, heaviest and the sharpest swords were chosen and large vessels were placed on the floor to collect the blood of the bride after the beheading.

 

The king personally selected the executioner for each of his victim, the fairest the bride, the fiercest the executioner. Then there were special cleaners who wiped the floor clean after the execution. The king wanted all traces removed within minutes, even if a drop of blood was found the entire team of cleaners was executed too.

 

The king wanted his subjects only to remember how he was wronged by the first queen, who slept with a slave in his absence and had an orgy in the royal garden.

 

He depicted his madness as an act of kindness. He wanted people to believe that he saved them from a great evil by marrying a new virgin every night and executing her early in the morning.

 

He did not only want all traces of the execution removed. He also made sure that the outside world never learned about what happens inside the place, how brides were dragged out of the chamber, crying and pleading him to spare their lives, how their young bodies struggled to return to life even after the slaying, how the blood stained everything, sometimes even the king’s dress. No, he did not want these stories to leak out.

 

So, he had molten lead poured into the ears of the entire staff involved in this gruesome business. This ensured that they would not hear the cries and pleadings of the poor brides. Even if they did, they could not have shared their stories with anyone because their tongues were cut off as well.

 

This may cause you to think that all those elaborate arrangements for the bride were made by Sheherezade’s father; after all he was the prime minister. No, he did not have anything to do with it either. He did not want to have anything to do with it because he knew that the path his daughter had chosen led to a sudden death.

 

She was going to the death chamber, not to the bridal bed.

But there was little he could do. He had brought hundreds of innocent girls to this chamber on the king’s order. Not a single virgin was left in the kingdom except his two daughters, Sheherezade and Dunyazad. Hundreds were killed and thousands migrated to other lands, as people do when they have a cruel ruler.

 

The prime minister also tried to run away with his daughters when the king ordered him to bring Sheherezade but she refused. She wanted to stay and fight and end this cruel practice.

 

He knew she was young and weak and had no supporters. He also knew that she that as a woman she was no match for a powerful and vicious king.

 

But Sheherezade knew that as woman she was the source of all powers. She was aware of her weaknesses but knew how to turn them into strength, unlike those who came before her and were slain.

 

The king also knew that Sheherezade was stubborn and strong. His spies had also told him that his prime minister tried to run away to save his daughters but Sheherezade stopped him. So he too had come with a trick or two to subdue Sheherezade.

 

“What are these?” asked the king, pointing at the incense-sticks and censers, as he entered the bridal chamber.

 

“The incense of passion, your majesty,” said Sheherezade.

 

“I prefer the scent of blood,” said the king, turned towards the flowers and asked: “Why are there so many flowers in this room?”

 

“These are flowers of love, your majesty,” said Sheherezade.

 

“Hmm,” said the king, walked to a window to the garden and opened it.

 

There stood a ferocious-looking man on a well-lit platform, sharpening a sword.

 

“Do you see this?” the king asked.

 

“Tonight, I am love-blind, your majesty,” said Sheherezade, “tomorrow I will see and hear the mundane.”

 

“There will be no tomorrow,” the king said.

 

“The sun shines behind the clouds too,” said Sheherezade, “so there will be a tomorrow.”

 

“We shall see,” said the king and opened a door. A slave threw a big sack into the room and something inside the sacked shrieked in pain and anger.

 

As the sack opened, a large wild cat jumped out of it and made to the open window. But before he could jump out, the king drew his sword and cut the cat into two.

 

Then brandishing his sword near Sheherezade’s face, he said: “I do not like being disturbed.”

 

She smiled. “It was a he-cat. Had it been a she-cat, it would not have tried to escape.”

 

The smile unnerved the king. He sheathed his sword and stood in the middle of the room for what seemed like an eternity. Then he pulled a chair and said to her: “Give me a glass of water.”

 

“Absolutely, your majesty,” she said and while handing her the glass, she added: “Water heals because it is an agent of change, like a woman.”

 

“Women are not agents of change, men are,” said the king. “Women have no power.”

 

“If you think the water is powerless then women are powerless too,” said Sheherezade and smiled again.

 

“Two things I must do before I have her beheaded: Make her admit that women are powerless and wipe that smile out of her face,” the king said to himself.

PM announces Rs1 billion aid for drought-affected Thar

Posted by Sana Baloch on March 10, 2014 at 5:00 AM Comments comments (0)

Nawaz Sharif was given a briefing in Mithi over the drought and famine condition in Tharparkar district of Sindh. Date 10-3-2014

Thar Draught... Column

Posted by Sana Baloch on March 10, 2014 at 4:55 AM Comments comments (0)

 

ٿر: جتي اڃ، رڃ ۽ درد جا آکيرا آهن

ثنا عباس دشتي

هونئن ته سڄي سنڌ مهانگائي، بيروزگاري، بُک ۽ بدحاليءَ جي باهه ۾ سَڙي رهي آهي پر سنڌ جي صحرائي علائقي ٿر جا سُور ڪجهه سَوايا ئي آهن. ٿر جي ماروئڙن جي مايوس چهرن تي مُرڪ تڏهن ئي پَسي سگهبي آهي، جڏهن ويران واريءَ جي دڙن تي مِينهَن ڪَڻيون وَسنديون آهن، اُن ويل سڄو ٿر فطرتي حُسن جي سائي چادر ويڙهي خوبصورت منظر پيش ڪندو آهي، مورن جا ٽهوڪا ۽ خوبصورت رقص دل کي راحت بَخشيندو آهي، پر جڏهن بانورا بادل بيوفائي ڪندا آهن ۽ جنهن سال ٿر ۾ وسڪارو نه ٿيندو آهي، ته هِي مارو ماڻهو پيرين پنڌ پنهنجي مال متاع سان گڏ بئراجي علائقن جو رُخ ڪندا آهن. قدرتي آفتون ۽ ڏُڪار ته سڄي دنيا ۾ اچن ٿا پر اسان وٽ اهڙن ڏُڪار ۽ آفتن سٽيل ماڻهن کي وڌيڪ سُور بدتر حڪمرانيءَ سبب سَهڻا پون ٿا، هن سال به ٿر ۾ به ڏُڪار آيل آهي، تازو ٿر ۾ ماروئڙن ۽ مال مٿان بدتر حڪمرانيءَ سبب آيل ڏُکين ڏينهن تي پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پنهنجي ٽوئيٽر تي هڪ ميسيج جاري ڪيو ۽ ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي غِذا جي کوٽ سبب ۽ مال جي بيمارين ۽ چاري جي کوٽ تي سنڌ جي خوراڪ کاتي جي وزير کي دُبئي طلب ڪري ورتو. اسانجي ملڪ ۾ بدانتظامي ۽ بحرانن جي ذميوار وزيرن، مشيرن ۽ ڪامورن کي احتساب مان گذارڻ بدران انهن کي لنڊن، دبئي ۽ سعودي طلب ڪري سندن کاتي جي بدانتظامي ۽ بي ڌيانيءَ جا ميڊيا ۾ ڦاٽ ڇو ڦاٽا؟ يا ڳالهه ايستائين ڇو پهتي جو هر طرف کان سندن خلاف آواز اُٿڻ لڳو. هاڻي پاڻ وٽ حڪمران جماعتن جي اها روايت قائم ٿي وئي آهي ته، سندن بي ڌياني ۽ بدتر حڪمرانيءَ تي ڪنهن طرح سان ’ڪَکَ‘ پيل هجن. ايستائين ٿرپارڪر جي سڄي حڪومتي مشينري اگهور ننڊ سُتل هئي، جيستائين وڃي ميڊيا مٺيءَ جي اسپتال ۾ معصوم گُلڙن جي ڪومائجي وڃڻ واري خبر بريڪ نه ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير پهرين ته ٿر جي دوري دوران بجاءِ ڪنهن رليف پئڪيج جي اعلان ڪرڻ جي، بيمارين ۽ اناج جي کوٽ وگهي ڏُکن ۾ گذاريندڙ ٿر جي وڏي آباديءَ جي آمدنيءَ جي اهم ذريعي چوپائي مال جي وڪري تي به 15 ڏينهن لاءِ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. پر ٻئي ڏينهن جڏهن سنڌ جي وڏي وزير کي پنهنجي ماتحت عملي جي ڪوتاهيءَ جو احساس ٿيو، ته هن ٿر لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو، ان کانسواءِ وزير اعظم نواز شريف به نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (NDMA )کي ٿر ۾ امدادي سرگرميون شروع ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو پاڻ به اڄ ٿر پهچي رهيو آهي. ٻئي طرف حالت اها آهي جو جنهن ڏينهن سنڌ جو وڏي وزير ٿر جي دوري تي پهتو، ان وقت مٺيءَ جي چونڊيل نمائندن به مٺي جي اسپتال ۾ فوت ٿيل معصوم ٻارڙن واري معاملي ۽ مسلسل چوپائي مال جي مرڻ وارين خبرن تي پهريان ته پورو سچ پئي ڳالهايو پر جڏهن سندس ليڊر آف دي هائوس مٺي پهتو، ته انهن به پنهنجي تر ۽ تڪ جي ماڻهن جو موقف بيان ڪرڻ بجاءِ اڌ سچ ڳالهائي باقي ٿر جي ماروئڙن جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ وارن جو موقف ئي ميڊيا اڳيان رکيو. اهڙن ماڻهن جي بيرحم روين ۽ پٿر دليءَ تي روئندي ئي شايد مشهور سماج سڌارڪ مدر ٽريسا ڪٿي چيو هو ته، ماڻهو اناج جي کوٽ سبب نه پر محبت جي ڏُڪار ۾ مري ٿا وڃن. شيخ اياز به ٿر جي مارو ماڻهن جي دردن جي عڪاسي پنهنجي لفظن ۾ ڪندي چوي ٿو ته:

هِي چونئرا جي چانڊوڪيءَ ۾، ڪاري ٿر تي بيٺا آهن،

پنهنجا پنهنجا ڏُکَ لِڪائي، ٻارَ بُکايل ڇاتِي لاءِ،

رٻ رڳي لاءِ آتا آهن، چنڊ انهيءَ لاءِ ڪا شئي ناهي،

ڪيڏي سونهن سمي پيئي پر، منڊ انهن لاءِ ڪا شئي ناهي.

جيڪڏهن ٿر جي ماروئڙن جي دردن جو سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ جي نوجوان ليڊر بلاول ڀٽو زرداريءَ کي درمان ڪرڻو آهي ته، سڀ کان پهرين ان ڳالهه جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته، سيپٽمبر 2013ع ۾ جاري ٿيل 60 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون ورهائجي ڇو نه سگهيون؟ ٻيو ته، هڪ رليف کاتو به ٿيندو آهي، ان رليف کاتي جو هڪ وزير به مقرر ٿيل آهي پر اهو رليف کاتو ۽ کاتي جو وزير ڪٿي آهي؟ موسمي حساب سان ۽ فصل ٿيڻ ۾ اڃا 8 مهينا باقي آهن. پوءِ باقي رهيل ستن مهينن لاءِ حڪومت ڪهڙي رٿابندي ڪئي آهي؟ ڏُڪار کي وڌيڪ ڪيئن منهن ڏبو ان لاءِ ڇا رٿيو ويو آهي؟ ڪجهه آفيسرن کي معطل ڪرڻ سان ٿر تان ڏُڪار ختم ٿيڻ جي ڪا به خاطري ناهي. سنڌ حڪومت ۽ ٿر جي چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته، پنهنجي ماروئڙن جي غير مشروط خدمت ڪن. پيپلز پارٽيءَ جي ليڊر بلاول ڀٽو زرداري، جنهن مان اڪثريت کي وڏيون اُميدون آهن، کي سنڌ جي ثقافت تي توجهه ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي سنڌ حڪومت جي حڪمرانيءَ واري طرز تي به نگاهه رکڻ گهرجي ته، پيپلز پارٽيءَ جي پنهنجي هوم گرائونڊ سنڌ ۾ ڪارڪردگي ڪهڙي آهي!

 

The Kawish Group of Publication

B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.

Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167

Email: [email protected]

 

Bilawel Bhutto Hope for Pakistan

Posted by Sana Baloch on March 6, 2014 at 1:35 AM Comments comments (0)

 

ثنا عباس دشتي

 

جتي زندگي بيٺل پاڻي جو سينوريل تلاءُ ٿيڻ ڏانهن وڌي رهي هجي ۽ هوائن نالي ڪا شيءَ نه بچي رهي هجي،اتي پيپلز پارٽي جي نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ڪلچرل فيسٽويل جي وسيلي عوام کي تازي هوا جو جهوٽو کارايو آهي. گُهٽ ٻوسٽ واري ماحول مان ڪڍي انهن کي پنهنجي تهذيب ۽ ورثي جي معرفت پنهنجي اصل ڏانهن موٽڻ جو هڪ شاندار موقعو فراهم ڪيو آهي. موئن جي دڙي کان سنڌ ڪلچرل فيسٽويل جون تقريبون شروع ڪرڻ سان بلاول جو ڪو ٻيو مقصد نه پر صرف اهو هو ته،دنيا کي خبر پوي ته پاڪستان ۾ سياست رڳو انتهاپسندي ۽ طالبان جي جنجهٽ ۾ ئي ناهي ڦاٿل پر اتي پنهنجي تهذيب،پنهنجي ورثي ۽ تاريخ سان پيار ڪرڻ وارو نوجوان نسل به موجود آهي. پيپلز پارٽي جو نوجوان اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري ان وقت انتها پسند قوتن کي دليري سان پنهنجي ثقافت ۽ ننڍي کنڊ جي ناچڻي سمبارا وسيلي للڪاري رهيو آهي،جڏهن ملڪ جا ڪئين انڌا اونڌا ويڄ انتهاپسندن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن،انهن کي وڌڻ ويجهڻ جا وڌيڪ شاندار موقعا فراهم ڪري رهيا آهن،پر بلاول پنهنجي نالي جي عظمت وانگر اڪيلو بلاول ٿي انتهاپسندن جي سڄي لشڪر کي للڪاري رهيو آهي.

 

بلاول کي ڪنهن جي ڪا به پرواهه ناهي. جتي سياستدانن جي گهڻائي طالبان جي پاسي ٿي بيٺل آهي،اتي بلاول اڪيلو سرِعام بنا ڪنهن ”اگر مگر“ ڪرڻ جي عوام جي پاسي ٿي بيٺل آهي،زندگي جي پاسي ٿي بيٺل آهي، راڳ ۽ رقص سان چاهه رکندڙن جي تهذيب جي پاسي ٿي بيٺل آهي. هو پنهنجي انٽرويوز ۽ ٽوئٽر ميسيجز تي به ان ڳالهه جو اظهار ڪندو رهيو آهي ته،ملڪ جا اڪثر سياستدان خوف کان طالبان جي پاسي ٿي بيٺل آهن،جو هو کلي سامهون اچي انهن جي خلاف ڪو بيان به جاري نٿا ڪن. بلاول عوام کي اهو به ياد ڏياري چڪو آهي ته،عام چونڊن ۾ جتي طالبان جي حامي ۽ همدرد سياسي پارٽين کي اليڪشن مهم هلائڻ جي کلي اجازت هئي، اتي سيڪيولر سياسي پارٽين جهڙوڪ؛ پيپلز پارٽي،عوامي نيشنل پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي اليڪشن مهم به هلائڻ نه ڏني وئي.هاڻي ته قصو ايستائين کلي عوام جي سامهون اچي ويو آهي جو، جن عوام بجاءِ طالبان سان اتحاد ڪري ڪافي تڪن مان اليڪشن کٽي اهي عوام جي خوف کان طالبان سان ٿيندڙ ڳالهين وارين ڪاميٽين مان پنهنجا نالا به ڪڍرائي پيا وڃن.هن وقت ملڪ ۾ سياست پرو طالبان ۽ پرو عوام وارن خانن ۾ ورهايل آهي.

 

بلاول ڀٽو زرداري موت جي واپارين خلاف هن ملڪ ۾ زندگي جو وڏو آواز ٿي اڀريو آهي.جيڪي ماڻهو اهي بحث ڪندا هئا ته هن ملڪ ۾ ليڊر شپ جي کوٽ آهي،في الحال بلاول جي ٿقافتي انقلاب واري نعري ۽ عمل انهن جا منهن بند ڪرائي ڇڏيا آهن. سنڌ جي هر شهر ۽ خاص طور حيدرآباد،سکر،لاڙڪاڻي،خيرپور ميرس،ميرپور خاص،ٺٽي ۽ ڪراچي ۾ سنڌ ڪلچرل فيسٽويل جون ڪيتريون ئي تقريبون ٿيون آهن،جن مان عوام نه رڳو لطف اندوز ٿيو آهي،پر ان لاءِ زندگي جي هڪ اميد، هڪ آسرو به پيدا ٿيو آهي ته،ڀلا ڪو ته هو،جنهن هن قبرستان جهڙي تصوير جو ڏيک ڏيندڙ سماج ۾ ڏاڍ کي للڪاريو،زور زبردستي کي للڪاريو،ڏنڊي ۽ ڏاڍ واري عقيدائي برانڊ خلاف ٿي بيٺو، انتهاپسندي کي للڪاريو.بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي امڙ بينظير ڀٽو شهيد جيان سڀ ڪجهه ڄاڻندي به پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي پاسي ٿي بيٺو آهي،پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب جي پاسي ٿي بيٺو آهي.هن کي ڪنهن خطيب ۽ ڪنهن رقيب جو خوف ناهي،هن کي خبر آهي ته،اهڙي موت جي پوڄاري اقليت سان وڙهڻ لاءِ هن وٽ هن ملڪ جي عوام جي بي مثال محبت جو هٿيار موجود آهي.اهو هٿيار جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو وٽ به هو ته،بي بي شهيد وٽ به. جنهن ڪنهن به جابر ۽ آمر اڳيان پنهنجو ڳاٽ نه جهڪايو.بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ناني ۽ امڙ جي سياسي نظرئي ۽ پارٽي کي بچائڻ لاءِ هن ملڪ جي عوام جي خواهشن ۽ خوابن کي بچائڻ لاءِ ثقافت وسيلي جيڪا پر امن جنگ شروع ڪئي آهي،ان کي نه رڳو ملڪي ميڊيا پر عالمي ميڊيا ۾ به تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي.

 

عام طور اسان وٽ سياسي پارٽين جا قائد پنهنجي انفرادي ۽ سياسي پارٽين جي ترقي لاءِ ڪئين پروگرام متعارف ڪرائيندا آهن،پر انهن سان سماج جي ترقي نه ٿيندي آهي، انساني قدرن ۾ ڪا مثبت تبديلي نه ايندي آهي.انسان جي اندر جو جارحيت پڻو نه گهٽبو آهي،پر بلاول ڀٽو زرداري جي هن ڪوشش سان سماجي سائنس جا ڄاڻو چون ٿا ته،سماج ۾ جارحيت وارا رويا گهٽبا، مثبت قدر پيدا ٿيندا.سماج تڏهن ئي ترقي ڪندو جڏهن ان تي سياست جا مثبت اثر پوندا،جيڪا جدوجهد بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي.

 

بينظير صاحبه پنهنجي جڳ مشهور آتم ڪٿا،Dauther of the East ۾ لکيو آهي: بلاول تي بلاول نالو اسان آصف علي زرداري جي هڪ وڏي جي نالي ۽ سنڌ جي تاريخ جي اڏول ڪردار مخدوم بلاول جي نالي پٺيان رکيو آهي.جڏهن بلاول ڀٽو تاريخ جي هڪ وڏي حادثي بعد سياسي ميدان ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جي صورت ۾ آيو آهي،ته هن خوب ملهايو آهي.توڻي جو اڃا هن جا هي سياست ۾ تعارفي ڏينهن آهن،پر هو پنهنجو ڪرشماتي تعارف جوڙي چڪو آهي. ملڪ ۾ نوجوانن جو وڏو انگ بلاول ڀٽو زرداري کي پنهنجو سياسي آئيڊيل سمجهي ٿو. جن ليڊرن ۽ سياسي پارٽين نوجوانن کي نعري بازي سان جارحيت پئي سيکاري، نوجوانن جي دماغن اندر نفرت جي باهه پئي ڀڙڪائي،اتي بلاول ڀٽو زرداري انهن نوجوانن کي پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ ورثي کان باخبر ڪري رهيو آهي،انهن کي امن جا گيت جهونگارڻ جا موقعا فراهم ڪري رهيو آهي. هن وقت نوجوانن لاءِ بلاول ڀٽو زرداري زندگي ۽ بهادري جو استعارو آهي.بلاول ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ امن جي گيتن جو پڙاڏو چاهي ٿو.هن پنهنجي سياسي ڪيرئير جي آغاز ۾ ئي ثقافت ۽ تاريخ جي ڳالهه سان سياست ڪئي آهي.هن وٽ ڪو جذباتي نعرو ناهي،پر دليل آهن،حوالا آهن،پنهنجي وڏن جو ورثو آهي.هو رڳو نوجوانن کي ياد ٿو ڏياري پنهنجي تاريخ،پنهنجو ماضي، پنهنجي تهذيب ۽ پر امن ماحول جڏهن اسان وٽ موئن جي دڙي جي ناچڻي سمبارا واري سنڌ هئي،جڏهن راڳ هو رقص هو،جڏهن سُر تي سِر ڏيڻ وارن جي خطي طور اسانجو ديس سڄاتو ويندو هو.هي تهذيبن جو ٽڪراءُ ۽ بنيادي پرستي جي ٽڪراءُ وارا عنوان ته ڪالهه جي ڳالهه آهن.ان ڪالهه کي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ثقافتي ڪوششن سان حقيقي ”ڪالهه“ ۾ ئي تبديل ڪري رهيو آهي،جيڪا اسان جي پر امن ”سڀاڻي“ جي وڏي جيت آهي.اسانجو سڀاڻ تڏهن ئي خوشحال ۽ مهذب هوندو جڏهن اسان ان کي اهڙو بنائڻ لاءِ اڄ کان بلاول ڀٽو زرداري جهڙن بهادر ۽ پنهنجي ڪلچر ۽ تاريخ کان واقف اڳواڻن کي پاليسي ساز فورمن تائين پهچائينداسين.بلاول ڀٽو زرداري جي سياست سان ڪيترن ئي ڪليجي چٻائوئن جا اندر اڌ ٿيا هوندا، پر اڄ ڳڙهي جي مٽي ۾ مدفون بي بي شهيد فخر مان پنهنجي اڪيلي پٽ جي سياسي عمل ۽ ڪردارتي ائين ئي فخر ڪري رهي هوندي، جيئن هن ملڪ جي هر ملالا ۽ هر شهيد اعتزاز ڪري رهيا آهن.

Women day Poetry

Posted by Sana Baloch on March 6, 2014 at 1:30 AM Comments comments (0)

آءُ عورت زاد آهيان!!!

 

جنم جنم کان اڌورو سوال آهيان،

 

پن ڇڻ جهڙن ڏينهن ۾،

جياپي جي بهار آهيان.

ڪنهنجي دل جي جاگير،

ڪڏهن ڪهاڙي جو وار آهيان،

مان ستن قرآنن جي برابر،

ڪٿي حويلي جي ديوار آهيان.

مان هر روپ ۾ محبت،

خوشيءَ جو سينگار آهيان.

ڪهاڙي ۽ چاقوجي هيٺيان،

ڪنهنجي انائن جو وار آهيان.

نيري آسمان هيٺيان،

پنهنجو عڪس ڳولهيندڙ،

آءُ عورت زاد آهيان...!!!

 

_ ثنا عباس دشتي

Peace in Pakistan , Peshawer Blast....

Posted by Sana Baloch on March 6, 2014 at 1:25 AM Comments comments (0)

ثنا عباس دشتي

پشاور ۾ چرچ تي ٿيل حملي کي اڃا هفتو به نه گذريو هو ته هڪٻئي پٺيان ٽي واقعا نمودار ٿيا آهن. عيسائي برداري کي دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ چارسده تي سرڪاري ملازمن جي بس ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 19 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا. انکانپوءِ پشاور جي بازار اندر جڏهن هر ڪو پنهنجي روز مرهه جي زندگي جي وهنوار ۾ لڳل هو ۽ پشاور جي چرچ ۾ مارجي ويلن جي ياد ۾ عبادت ڪئي پئي وئي ته عقل ۽ انسانيت جي دشمنن هڪ ٻيو ڌماڪو ڪيو. جنهن جو آواز ايترو ته خوفناڪ هيو جو ٻڌندڙ به ٻوڙا ٿي ويا. طالبان سان ٽيبل ٽاڪ ٿيڻ جي ڳالهه کانپوءِ اهڙي قسم جا واقعا ڪيترائي ڀيرا رونما ٿيندا رهن ٿا ۽ رهندا. هتي ڳالهه اقليتن جي تحفظ جي به نه آهي هن ايڏي وڏي سانحي کانپوءِ شايد اقليتي برادري کي احساس محرومي جي ڄار مان نه ڪڍي سگهجي پر پوري قوم جو هڪ ٿي انهن جي تحفظ لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ انهن کي شايد انهيءَ احساس محرومي کان ڪڍي....!

 

22 سيپٽمبر تي ٿيل ان ڌماڪي کانپوءِ واري ٿيل دهشتگردي ۾ جتي هڪ هڪ گهر مان انيڪ مڙهه کنيا ويا اهل دل شايد ئي اهڙو منظر ڏسي سگهن پر دهشتگردي جي ان لهر کي ڪيئن روڪجي؟ اي پي سي ڪوٺائڻ جي باوجود به دهشتگرد پنهنجي حرڪتن کان نه ٿا مڙن. پوءِ اهو باور ڪيئن ڪجي ته هو بعد ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ امن جا پانڌيئڙا ٿيندا؟

عيسائي برادري جيڪا پاڪستان جي شهريت رکندڙ آهي ۽ آئين پاڪستان مطابق کين هر طرح جي مذهبي آزادي جا حق آهن، پرامن رهندڙ عيسائي برادري لاءِ 22 سيپٽمبر جو ڏينهن شايد ڪنهن قيامت صغريٰ کان گهٽ نه هو جو سندن مقدس جاءِ کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي گهڙي کن ۾ مسڪرائيندڙ چهرا بارود جي دونهين ۾ چيرجي ويا. طالبان جو آخر ڪم ڇا آهي، مذهب جي نالي تي بينگاهه معصوم ماڻهن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ؟ انساني خون وهائڻ سان توهان ڪهڙي نظام جي ڳالهه ٿا ڪريو؟ بيگناهه جانيون، عورتون ٻار پوءِ توهان ڪهڙي امن جا طالب آهيو اوهان، اڃا تائين گروپن ۾ ورهايل خود طالبان هڪ نه ٿي سگهيا آهن ته پوءِ ڪهڙي نظام کي هڪ ڪرڻ ٿا گهرو؟ ڪنهن کي بندوق، بارود ۽ بمن جي آڌار تي پنهنجي ڳالهه ٿا مڃرايو؟ اوهان ته دهشت ڦهلائي پنهنجي ڪمزوري ٿا ڏيکاريو. انهن بنا دل ۽ دماغ رکندڙ هٿيارن کي شايد اها خبر نه هجي ته ڪنهن مهل ڪنهن ڏي منهن ڪندا، اسلام ته برداشت سيکاريو آهي، جي ڪنهن ساهه دار کي مارڻ به گناهه ڪبيرا ۾ شامل ڪيو، پوءِ آخر اوهان ڪهڙو اسلام ٿا گهرو؟

جيڪاڳالهه اڄ تائين خود طالبان جي سمجهه ۾ نه آئي آهي ته ٻئي ڪنهن کي ڇا سمجهه ۾ ايندي ؟ نواز شريف پاران ڪوٺايل اي پي سي کي هاڻ شايد اڳتي وڌائڻ مشڪل ٿي وڃي ڇو ته جتي حڪومت امن جي لاءِ جيڪو قدم کنيو انکي اهڙا واقعا ٿيڻ کانپوءِ مشڪلاتون نظر ٿيون اچن، وزيراعظم جڏهن عالمي برادري کي اجلاس ۾ خطاب ڪري رهيو هو ان وقت اهڙي واردات ٿيڻ ڪٿي ڪا سازش ته نه آهي؟” بهرحال طالبان سان ڳالهيون ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو فيصلو ته ملڪ جو دفاعي وزير ۽ وزيراعظم ڪندا. پر طالبان سان بنا شرط جي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ئي بهتر رهندو ، يا ته وزيرراعظم جي ان بيان سان طالبان کي پاڪستان جو آئين تسيلم ڪرڻو پوندو، هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا ۽ دهشتگردي کان لاتعلقي ظاهر ڪرڻي پوندي.

انسان ئي انسان جو دشمن ٿي پيو آهي. انتهاپسند ته پنهنجو ڪم ڪيو ٿا وڃن پر پوئتي رهجي وڃن ٿا سوال ته اسان جي سيڪيورٽي ادارا ۽ حڪومتي مشنري ڇا پئي ڪري؟ بسن ۾ بم نصب ٿا ٿين، موٽر سائيڪلن ۾، اسڪولن، مسجدن ۾ هر طرف بارود جي بوءِ آهي، هڪ دهشتگردي جي واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي ادارن کي چوڪس هجڻ گهرجن پر اسان جي انتظاميه “ ٻئي جي انتظار“ ۾ رهندي آهي. رياستي ادارا غير فعال نه هجڻ گهرجن، انهن کي منظم رهڻ گهرجي جو اهڙين ڪڌين ڪاررواين ڪرڻ واري کي ڪا وٿي نه ملي. نه ئي دهشتگرد رياست کان ڏاڍا آهن بس ادارن جي ڪاهلي آهي جو ڪوتاهيون فعال نه ٿا ڪري سگهن. انتهاپسندن جي دلين تي زنگ لڳي چڪو آهي انهي زنگ کي لاهڻ مشڪل آهي، ڇو ته شيخ سهدي جي هن قول مطابق جن جون دليون پٿر ٿيو وڃن ته انهن کي لوهه جي سيخ به ڪجهه نه ڪري سگهندي. بحرحال انتهاپسندن لاءِ فيصلا ڪن آپريشن ڪيا وڃن ۽ امن امان جي بحالي ڪئي وڃي ۽ اقليتي برادري جي تحفظ کي به يقيني بڻايو وڃي، انهن جي عبادت گاهن کي به مناسب سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. چڱائي جي اميد نه ڇڏڻ گهرجي. دهشت ۽ دهشتگرد امن آڏو بيوس ٿيندا.

نتيجه ڦروهي هوگا، سنا هي حال بدلين گي

پردي تو وهي هونگي، سنا هي جال بدلين گي

بدلنا هي تو دن بدلو، بدلتي ڪيون هو هندسون ڪو

مهيني ڦر وهي هونگي، سنا هي سال بدلين گي

چلو هم مان ليتي هين، مهينا ساٺ سالون کا

بتائو ڪتني سالون مين، هماري حالات بدلين گي

Profile of Dr Motilal Parkash.

Posted by Sana Baloch on March 6, 2014 at 1:20 AM Comments comments (0)

نصير اعجاز

انٽرنيٽ جي جديد زماني ۾ ٽپال رستي خط پٽ موڪلڻ بند ٿي ويو آھي، پر اڳي ٽپال رستي آيل خط وڏي اھميت رکندا ھئا. مان پنھنجي ويجھن يارن دوستن، اديبن، سياسي ۽ قومي ڪارڪنن ۽ ليڊرن جا موڪليل خط پاڻ وٽ سنڀاليندو ويندو ھئس. ڊاڪٽر تنوير عباسي، گل محمد کتري، انعام شيخ، عبدالواحد آريسر، ڊاڪٽر قادر مگسي، قمر ڀٽي، حفيظ ڪنڀر، عزيز رانجھاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن جا خط اڃا به مون وٽ سنڀالي رکيل آھن. وڏو وقت گذرڻ جي ڪري انھن خطن جي حالت زبون آھي. ھڪ زماني ۾ برساتن دوران مسواڙي گھر جي ڇت ٽمڻ جي ڪري انھن خطن کي وڏو نقصان پھتو، پر مون وري به ڪجھه خط بچائي ورتا. منھنجي لاءِ اھي بچي ويل خط وڏي خزاني جي حيثيت رکن ٿا.

 

مون ھن ڀيري سنڌ جي ھڪ عظيم آرٽسٽ گل محمد کتريءَ تي لکڻ ٿي چاھيو جنھن لاءِ اوجھا سينيٽوريم مان مون ڏي لکيل سندس حياتيءَ جو آخري خط ڳوليندي ڦوليندي سائين ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۽ سندس گھر واري ڪلا موتي پرڪاش جو خط ھٿ اچي ويو جيڪو سندن ھٿ اکرن سان لکيل آھي. اھو خط ھنن 1984 ۾ سنڌ جي دوري کانپوءِ واپس وڃي لکيو ھو. ساڻس سندس گھرواري دادي ڪلا پرڪاش به گڏ ھئي، جيڪا پاڻ به ناليواري ليکڪا آھي ۽ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪري چڪي آھي. انڊين ھاءِ اسڪول دُبئي جي پرنسيپال واري ليٽرھيڊ تي موڪليل خط جا اکر به سائين موتي پرڪاش وانگر موتيءَ داڻا آھن. سنڌ کان پري ھوندي به سندن لکڻيءَ ۾ ڦير نه آيو ھو. ايتري ته صاف ۽ وڻندڙ لکڻي جو شايد سنڌ ۾ رھندڙ اسان جھڙن گھڻن ئي سنڌين جي لکڻيءَ کان سئو ڀيرا وڌيڪ بھتر آھي.

خط تي 6 ڊسمبر 1984 جي تاريخ لکيل آھي. ھو لکن ٿا: ڀاءُ، اسانجي چوڏھن ڏينھن جي سنڌ جي سفر ۾ اوھانجي سنگ، قرب ۽ سڪ جيڪا سُرھاڻ ڀري، تنھن لاءِ اسين توھان جا ٿورائتا آھيون. اسين توھان ڏانھن پنھنجي دوستيءَ جو ھٿ وڌايون ٿا ۽ توھانجي ۽ توھانجي عيال جي آسودگيءَ لاءِ دعا مڱون ٿا.

ٽڙي پوندا ٽاريئين جڏھن ڳاڙھا گل، تڏھن ملنداسين (اياز;)

توھانجا ڪلا موتي ۽ موتي پرڪاش

ورھاڱي وقت سورھن ورھين جي ڄمار ۾ ميرپور بٺوري، ضلعي ٺٽي مان اباڻا ڪک ڇڏڻ کانپوءِ سنڌ گھمڻ جو سندن شايد اھو پھريون موقعو ھو، جو ساڻن آيل ھڪ ٻئي دوست (سندن نالو ياد نٿو اچي;) ڪراچي پريس ڪلب ۾ سندن مان ۾ ڏنل دعوت ۾ تقرير ڪندي چيو ھو؛“ ممبئي کان ڪراچي، سنڌ اچڻ لاءِ (ھوائي جھاز ۾;) فقط ڏيڍ ڪلاڪ لڳي ٿو، پر اسان کي اھو فاصلو طئي ڪرڻ ۾ 37 سال لڳي ويا آھن.”

ڪراچي پھچڻ تي ھو ڪجھه ڏينھن صدر واري علائقي جي ھوٽل جبيس ۾ ترسيا ھئا، جتي ساڻن ملي اسان کين پريس ڪلب ۾ آجياڻي جي دعوت ڏني ھئي. پريس ڪلب جي آجياڻي ۾ مون سائين موتي پرڪاش کي ڪپڙي تي ڀرت سان ٺھيل سنڌ جو نقشو يادگار سُوکڙيءَ طور پيش ڪيو ھو.

 

سائين ڊاڪٽر موتي پرڪاش دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ رھندڙ ھر سنڌيءَ لاءِ، ويندي پنھنجي ڌرتي ماتا سنڌ ۾ جياپي جي ڪشمڪش ۾ ڦاٿل سنڌين لاءِ به، ھڪ آدرش ۽ مثالي ڪردار آھي، جنھن سنڌ مان بي گھر ٿي ڌاري ڌرتيءَ تي ڏکين حالتن ۾ وقت جي ھر طوفان جو نه رُڳو پاڻ مقابلو ڪيو ۽ ڳاٽ اُوچو ڪري منزلون طئي ڪندو، ترقيءَ جون ڏاڪڻيون چڙھندو ويو، پر ھر سنڌيءَ کي ھمٿايو. سندس سموري حياتي ان مقصد سان گذري آھي ته سنڌي ھڪ عظيم قوم طور اُڀرن، ڪنھن جي آڏو ھٿ نه ٽنگن ۽ پنھنجي پيرن تي بيھن.

1980 واري ڏھاڪي ۾ اِلسٽريٽيد وِيڪلي آف انڊيا Illustrated Weekly of India رسالي جي ٽائيٽل اسٽوري انھن سنڌين متعلق ھئي، جيڪي ننڍي کنڊ جي ورھاڱي وقت ھندستان لڏي ويا پر بي گھر، لُٽجي، تباھه ٿي ڌاري ڌرتيءَ تي پھچڻ جي با وُجود ھنن ڪنھن کان خيرات نه گھري. ھنن بک ڪاٽڻ کي پنڻ تي ترجيح ڏني ھئي. انڊين رسالي لکيو ھو ته سنڌين جي ننڍڙن ٻارن به پنڻ بدران ٿالھين ۾ کٽمٺڙا کڻي وڪڻڻ شروع ڪيو ھو. ھڪ واقعي جو ذڪر ڪندي لکيل ھو ته ريلوي اسٽيشن تي کٽمٺڙا وڪڻندڙ سنڌي ٻار تي رحم ڪندي ڪنھن ماڻھوءَ ڪجھه کٽمٺڙا وٺي اصل قيمت کان وڌيڪ پئسا ڏنا، پر ھن ٻارڙي ھڪدم باقي پئسا واپس ڪندي چيس ته ھو خيرات ڪونه وٺندو.

پُونا ۾ ساڌو واسواڻي مشن جو پيشوا دادا جشن پي واسواڻي به ڊاڪٽر پرسو جيسرام گدواڻيءَ جي ڪتاب Glimpses of Sindhi Language جي مُھاڳ ۾ لکي ٿو ته: سنڌ ۾ به ڪڏھن سنڌي ھندوءَ کي ڪنھن پنندي ڪونه ڏٺو ۽ انڊيا ۾ به ھنن عزم ڪيو ھو ته فاقه ڪڍبا پر ڪنھن آڏو ھٿ نه ڊگھيربو. ٻارڙا ڏينھن جو اسڪول ويندا ھئا ۽ شام جو رستن، ريلوي اسٽيشنن تي ۽ ٽرينن ۾ شيون وڪڻندا ھئا.

سائين موتي پرڪاش ۽ سندس گھراڻي به ايئن ئي خُودي ۽ عزتِ نفس کي مٿانھون رکي جيئڻ جو عزم ڪيو ھو. انڊيا ۾ ھڪ سنڌي صحافڻ منيڪا شيوداساڻيءَ کي انٽرويو ڏيندي سائين موتي پرڪاش پنھنجي ڪھاڻي ھن ريت ٻڌائي ٿو: “15 مئي 1931 تي منھنجو جنم ٿيو ۽ جڏھن مان اڃا سورھن ورھين جو ھئس ته ورھاڱي جي نتيجي ۾ ھندستان لڏڻو پيو. بابا سُکرامداس شرما سنڌ ۾ ننڍو کاتيدار ۽ ڳوٺ جو پوسٽ ماسٽر ھو. بابا پنھنجي ڳوٺ جو پھريون شخص ھو جنھن ممبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ ڪئي ھئي. ورھاڱي کانپوءِ اسان کي جواھر ڪئمپ ديولالي ۾ ھڪ ننڍڙي بئرڪ الاٽ ڪئي وئي جتان پوءِ اسان ممبئي لڏي وياسين ۽ اتي ھڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ڏھه ڀاتي رھندا ھئاسين. ان وقت تائين بابا کي نوڪري نه ملي سگھي ھئي پر پوءِ نيٺ مدراس ويجھو سيواڪاسي ۾ نوڪري ملي وئي. تڏھن بابا منھنجي ھٿ تي ڏھه رُپيا رکي چيو ھو ته ھاڻي گھر ڀاتين جي سڄي ذميواري مون تي آھي.”

“مون 1951 ۾ ايس ايس سي بورڊ پُونا مان ايس ايس سي امتحان پاس ڪيو ۽ جلد ئي ماستري شروع ڪيم. نوڪريءَ سان گڏ پڙھڻ به چاھيم پر ڪلاس ۾ وڃي نه سگھندو ھئس. 1956 ۾ بي اي آنرس پاس ڪيم ۽ ان وچ ۾ بابا به واپس ممبئي اچي ويو پر اسان اڃا به انھيءَ ننڍڙي ڪمري ۾ رھندا ھئاسين. اسان کي جياپي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پئي. منھنجا ننڍڙا ڀائر اسڪول جي في ڀرڻ لاءِ گلاب ڄمون وڪڻندا ھئا.”

سائين موتي پرڪاش غيرمعمولي صلاحيتن جو مالڪ آھي. ھو ھڪ ئي وقت شاعر، ناول نگار، ڪھاڻيڪار، سنڌيڪار، ڊراما ليکڪ، براڊڪاسٽر، اداڪار، صحافي ۽ تعليمي ماھر آھي. ھن بي ايڊ ۽ سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي به ڪئي ۽ اسڪولن ۾ استاد طور نوڪري به ڪندو رھيو. استاد طور ھن سڀ کان پھريائين سنڌ ڪاسموپوليٽن اسڪول ممبئيءَ ۾ نوڪري شروع ڪئي ھئي جتان ٽن ورھين کانپوءِ ممبئيءَ ۾ ئي ڪي جي کلناڻي ھاءِ اسڪول ۾ وڃي لڳو ۽ ترقي ڪندي پرنسيپال جو عھدو ماڻيائين. 1977 تائين ھو اتي رھيو جڏھن کيس دبئيءَ ۾ سنڌين جي قائم ڪيل انڊين ھاءِ اسڪول جي پرنسيپال طور چونڊيو. نار وارين رياستن ۾ ان اسڪول جي وڏي اھميت ھئي جو ان وقت به اتي 600 کان وڌيڪ ٻار پڙھندا ھئا. سائين موتي پرڪاش ان اسڪول جو پھريون پرنسيپال ھو ۽ سن 2000 تائين ان عھدي تي رھي رٽائر ٿيو پر وري کيس ٻن سالن لاءِ اتي ريڪٽر ڪري رکيو ويو، جنھن کانپوءِ ھو واپس ھندستان ھليو آيو. کين سنڌي ٻارن جي تعليم جو تمام گھڻو اُونو رھيو آھي. ھن وقت به ھواديپور ۾ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ساڌو ھيرانند نولراءِ اڪيڊميءَ جي بورڊ ۽ ٽرسٽ جو ميمبر آھي ۽ سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافتَ جي واڌ ويجھه لاءِ جاکوڙي رھيو آھي.

جياپي جي جنگ، ادب ۽ فن سان سندس لگن کيس بيچين ڪري سدائين سرگرم رکيو. ان بيچينيءَ جو اظھار سندس ھنن لفظن مان ٿئي ٿو؛ “تاريخي طور سنڌين جي اندر ۾ عدم سلامتيءَ جو احساس موجود رھيو آھي ڇوته خيبر پاس کان سدائين سنڌ تي ڌارين جون يلغارون ٿينديون رھيون آھن. ڌاريا جارح سدائين شاھوڪار سنڌ تي ڪاھون ڪري لُٽي برباد ڪري ويندا ھئا، تنھنڪري عدم سلامتيءَ جو احساس ڄڻ ته سنڌين جي رت ۾ سمايل آھي.”

سائين موتي پرڪاش اسڪولن ۾ پڙھائڻ سان گڏوگڏ آل انڊيا ريڊيو تي به ڪم ڪيو جتي 1956 کان 1967 تائين ھو ممبئي ۾ سنڌي سيڪشن جو انچارج رھيو. 1967 ۾ ئي ھو ريڊيو جي سنڌي خبرن واري شعبي جو به انچارج ھو. آل انڊيا ريڊيو، ممبئي لاءِ ان عرصي ۾ ھن اڍائي سئو کان وڌيڪ ڊراما ۽ فيچر تيار ڪيا. انڊيا جي وزارتِ اطلاعات ۽ نشريات جي فلم ڊويزن ۾ ھن ڪمينٽيٽر طور به ڪم ڪيو. ٽيلي فلم “پنھنجا پراوا” ۾ ھن لِيڊ رول ۾ ڪم ڪري پنھنجا اداڪاريءَ جا جوھر به ڏيکاريا. ھن سنڌي سنگت تنظيم لاءِ سنڌي ٽيلي فلمن جا ڪيترائي اسڪرين پلي ۽ اسڪرپٽ به لکيا. سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ ھن اسٽيج ڊرامن جو به سھاري ورتو ۽ نه رُڳو ڊراما لکيائين پر انھن ۾ اداڪاري به ڪيائين. ان مقصد لاءِ قائم ڪيل “سنڌو ڪلا مندر” جو ھو پھريون سيڪريٽري ھو. آل انڊيا ريڊيو ۽ اسٽيج لاءِ لکيل ڊراما “رات ھڪ طوفان جي” ۽ “اڃا ته مان ننڍڙي آھيان” سندس مشھور ڊرامن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا.

ڪيترن ئي ادبي ۽ تعليمي ادارن ۽ تنظيمن سان سندس وابستگي رھي. ھو سنڌي ساھت منڊل جو وائيس چيئرمين، سنڌو ڪلا نڪيتن جو بنياد وجھندڙ سيڪريٽري، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا سيڪريٽري ۽ ڪلچرل سيڪريٽري، انڊيا جي وزارتِ تعليم طرفان جوڙيل سنڌي ادب جي واڌاري واري ايڊوائيزري ڪاميٽيءَ جو ميمبر، مھاراشٽرا رياست جي درسي ڪتابن ۽ ڪريڪيولم واري بيورو جو ميمبر، مھاراشٽرا سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري بورڊ آف ايجوڪيشن پاران يارھين ۽ ٻارھين درجي جي درسي ڪتابن جو ايڊيٽر، ساھتيا اڪيڊمي نئين دھليءَ جي سنڌي ايڊوائيزري بورڊ جو ڪنوينر، ان جي جنرل ڪائونسل ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ نار وارين رياستن ۾ سينٽرل بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن دھليءَ سان لاڳاپيل ا سڪولن جي ڪائونسل جو باني ۽ چيئرمن به رھيو. ھو 2003 ۾ ڀارتيه وديا ڀون نيويارڪ پاران ڪوٺايل ھندستاني ادب بابت ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيو ھو.

ڳالھه اتي ئي نٿي کُٽي. سائين موتي پرڪاش ھڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ اخبارن لاءِ ڪالم لکيا. سندس ڪتابن جي لسٽ به وڏي آھي جن ۾ شاعريءَ جو ڳٽڪو “آءُ ته چوريون چنگ”، ناول “انڌيرو اُجالو”، مضمونن جو ڳٽڪو “ادبي گل”، ڊرامو “رات ھڪ طوفان جي”، ڊرامو “پردي اڳيان، پردي پٺيان”، ساروڻيون “دل جون ڳالھيون”، شخصيتن تي لکيل ساروڻين وارا خاڪا “ڏٺي ڏينھن ٿيام”، سنڌ جو سفرنامو “سي سڀ سانڍيم ساھه سين”، ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊيءَ لاءِ “شاعريءَ ۾ سنڌي عورت” بابت ٿيسز، شاعريءَ جو ڳٽڪو “چڻنگ وِچ چولي”، ڪالمن جو مجموعو “جيءَ اندر جھاتيون”، شاعريءَ جو ڳٽڪو “تنھنجي ڳلِيءَ جون ڳالھڙيون”، ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو “منھنجو وس واڪا”، ٻارن لاءِ شاعريءَ جو ڳٽڪو “گلڙن جا گيت” ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آھن. ھن ٻين ٻولين جي ادب مان به ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا جن ۾ تراشنڪر بينرجيءَ جو ناول “ڪليندي”، صدرالدين عيني جو ڪتاب Three men in a boat ، روميش مھتا جو ھندي ڊرامو “انڊر سيڪريٽري” شامل آھن.

تعليمي، ادبي ۽ ٻين اڻ ڳڻت خدمتن جي مڃتا طور سائين موتي پرڪاش کي ڪيترائي ايوارڊ ڏنا ويا. ذڪر جوڳن ايوارڊن ۾ تعليم واري وزارت پاران ٻارن لاءِ شاعريءَ واري ڪتاب “گلڙن جا گيت” تي ايوارڊ، آل انڊيا ريڊيو پاران قومي نغمن جي مقابلي ۾ پھريون انعام، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا پاران ادب ۾ غيرمعمولي ڪردار تي روڪ انعام وارو ايوارڊ، مھاراشٽرا سنڌي ساھت اڪيڊمي ايوارڊ، سنڌ جي سفرنامي “سي سڀ سانڍيم ساھه سين” تي ساھت اڪيڊمي ايوارڊ، نيشنل ايوارڊ فار ٽيچرس، پروفيسر رام پنجواڻي ادبي ايوارڊ، سھيوڳ فائونڊيشن ايوارڊ، ايشورٻائي جي بخشاڻي ادبي ايوارڊ، پريادرشن ادبي ايوارڊ، سنڌي اڪيڊمي نئين دھليءَ پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري واري نيشنل ڪائونسل پاران “تنھنجي ڳلِيءَ جون ڳالھڙيون” لاءِ سال 2006 جي بھترين ڪتاب جو ايوارڊ، اُتم ادبي ايوارڊ ۽ ٻيا شامل آھن.

ادب لاءِ چاھه سائين موتي پرڪاش کي ننڍپڻ کان ئي ھيو. “ورھاڱي کان اڳ ڳوٺ ۾ مان ۽ منھنجو دوست گل وسڻمل ٻرڙن جو رسالو ڪڍندا ھئاسين. گل جيئن ته 18 سالن جي عمر جو ھو تنھنڪري ھو ايڊيٽر طور پنھنجو نالو لکي ٿي سگھيو. اسان 6 مھينا کن رسالو ھلايو پر مٿان ورھاڱو ٿي ويو ۽ سڀ ڪجھه اڌ ۾ رھجي ويو“، ھن پنھنجي انٽرويوءَ ۾ ٻڌايو.

ورھاڱي سنڌين کي جيڪي عذاب ڏنا، تن سائين موتي پرڪاش جي اندر ۾ ٻرندڙ باھه کي ڀڀڙ جي شڪل ڏئي ڇڏي ھئي. سندس اندر ۾ ويٺل ليکڪ ڪنھن انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ بيچين ھو. “ممبئيءَ ۾ حياتي ڏاڍو ڏکين حالتن ۾ گذري رھي ھئي، پر تڏھن به اسان ترقي پسند اديب ھر ھفتي گڏبا ھئاسين. گڏجاڻين جو انتظام سنڌي ساھت منڊل جو صدر پروفيسر ايم يُو ملڪاڻي ڪندو ھو. اسان ڪھاڻيون ۽ شاعري لکي گڏجاڻين ۾ پڙھندا ۽ ان تي تبصرا ڪندا ھئاسين. ڪي اديب نوجوان ھئا جن انگريزن کي ھندستان مان ڪڍڻ واري تحريڪ ۾ حصو ورتو ھو. گوبند مالھي ۽ اي جي اُتم جھڙا شخص ترقي پسند ادب جا اھم ٿنڀا ھئا. اسان اھڙي شاعري ڪندا ھئاسين جنھن ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ جو سڏ ڏنل ھوندو ھو. اسان ورھاڱي جو عذاب ڀوڳيو ھو تنھنڪري ممبئيءَ جي ڪلياڻ ڪئمپ ۾ وڃي شاعري ۽ ڪھاڻيون پڙھندا ھئاسين. ماڻھو وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي اسان جي شاعري ۽ ڪھاڻيون ٻڌندا ھئا ۽ اھا ڳالھه اسان لاءِ اُتساھيندڙ ھئي”، ھو چوي ٿو.

ھندستان ۾ لکين سنڌي آھن پر اھي ٽڙيل پکڙيل آھن ۽ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت تباھه ٿي رھيا آھن. ان ڳالھه جو احساس سائين موتي پرڪاش کي پريشان ڪري رھيو آھي. “اسان جي برادري ھندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ سڄي دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل آھي. پنھنجي ڌرتي وڃائڻ سان اسان کي پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت کان به محروم ٿيڻو پيو آھي. ممبئيءَ کانسواءِ ڪٿي به سنڌي اسڪول ڪونھن. جيڪي اسڪول ممبئيءَ ۾ ھئا سي به بند ٿي رھيا آھن. اڄ سنڌي اسڪول ڪاٿي آھن؟” ھن پنھنجي روحاني پِيڙا جو اظھار ڪندي چيو.

سنڌي ٻوليءَ کي انڊيا جي آئين ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ واري تحريڪ جو حوالو ڏيندي سائين موتي پرڪاش چوي ٿو: “اسان ان جدوجھد ۾ ڪامياب ٿياسين، پر سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لِپي اختيار ڪرڻ لاءِ ھڪ ٻي تحريڪ ھلي پئي جنھن سنڌين لاءِ ھڪ ڀيرو وري ورھاڱو پيدا ڪري ڇڏيو. مون ۽ ٻين اديبن جو خيال ھو ته ديوناگري لِپي اختيار ڪرڻ سان اسان عربي لِپيءَ واري سموري سنڌي ادب کان ڪٽجي وينداسين ۽ اھو به ممڪن ڪونھي ته اھو سمورو ادب ديوناگري ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگھجي. شاعري ۽ ڪھاڻيون ته ٺھيو پر ڪي ٻيا ڪارائتا ڪتاب به ترجمو ڪونه ٿي سگھندا. ”

“ديوناگري لِپي اختيار ڪرڻ سان اسان پنھنجون پاڙون ڪپي ويٺا آھيون ۽ پنھنجي جنم ڀوميءَ کان ڪٽجي ويا آھيون،” ھن چيو.

د

An Article About Mohtrama Benazir Bhutto Shaheed by Sana Abbas Dashti published On Affair magzine

Posted by Sana Baloch on March 6, 2014 at 1:10 AM Comments comments (0)

ڪنهن شاعر هن لاءِ لکيو هو،”تون اسانجو سج آهين ۽ اسين تنهنجا سورج مُکي“ اڄ ان موئن جي دڙي جي عظيم سج کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي.هي اهو ئي سج آهي جنهن لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي تاريخي خط My Dearest Daughter ۾ لکيو هو: پنڪي تون سال جي وڏي ۾ وڏي ڏينهن(21جون;) تي پيدا ٿي آهين،تنهنجي پيدائش واري ڏينهن جو سج ڪو به ضياءَ لاهي نٿو سگهي.مائي بختاور کانپوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ عورت مزاحمت جو وڏو حوالو آهي، شهيد بي بي. بينظير کي بينظير ڪٿا هن جي بهادري بنايو،هڪ اهڙو خطو جتي عورت جو ٻاهر نڪرڻ ئي ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي،اتي مولوين ۽ وردي وارن جي سياسي ٻٽڙ هوندي به هن ڪٿي به همت نه هاري،ان ڪري ئي هن کي ”مارئي ملير“ جي جو لقب به ڏنو ويو. بينظير نه رڳو علمي ميدان ۾ دنيا ۾ پاڻ مڃرايو پر هن سياست ۽ مزاحمت جي ميدان ۾ به سنڌ ۽ ايشيا جي عورت جي نئين تاريخ رقم ڪئي.هن جي عزم ۽ ولولي کي ڏسي حبيب جالب به لکيو هو؛ ڪانپ رهي هين بندوقون والي ايڪ نهتي لڙڪي سي.“ ڀٽو جي اها لاڏلي پنڪي پاڻ هر ميدان ميدان ماري ثابت ڪري وئي ته،عورت ڪمزور رڳو مردن جي تعصب ڀريل دماغي تصور ۾ آهي باقي عورت ڪمزور ناهي.

 

بي بي جهڙي دردناڪ ڪٿا شل ڪنهن جي نه ٿئي هن، پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ جيڪي پنهنجا درد رقم ڪيا آهن،اهي هن ملڪ جي دهشت ڀري تصوير ڏيکارڻ لاءِ ڪافي آهن.هن لکيو جڏهن مون آخري ملاقات دوران ڏاڍيون منٿون ڪيون ته مونکي اجازت ڏيو ته آئون بابا کي آخري ڀاڪر پائي وٺان انهن ظالمن مونکي بابا کي آخري ڀاڪر به پائڻ نه ڏنو. هڪ هنڌ بينظير انٽرويو ڏيندي چيو هو: آئون ملڪ جي وزيراعظم هئس،پوءِ به پنهنجي ڀاءُ مرتضيٰ کي ٻه ٽانڪا به وقت تي نه لڳي سگهيا ۽ رت وهي وڃڻ ڪري منهنجي ڀاءُ جو موت ٿي ويو. هو پنهنجي ڀاءُ تي ٿيل فائرنگ جو ٻڌي پيرن اگهاڙن ڪراچي جي اسپتال پهتي هئي،پر تيستايئن مير صاحب زندگي جي جنگ هارائي چڪو هو.هڪ اهڙي عورت جنهن پنهنجي ڦوهه جواني ۾ پيءُ کي ڦاسي چڙهندي ڏٺو هجي،ٻن نوجوان ڀائرن کي سازشي قتلن بعد لحد ۾ لهندي ڏٺو هجي،ماءُ تي لاٺي چارج ٿيندي ڏٺي هجي،ماءُ جي مٿي مان رت ٺينڊيون ٿي وهندي ڏٺو هجي. ان جي اندر ۾ ڪيڏا نه اڌما هوندا ڪيڏي نه آگ پيدا ٿئي هوندي پر هن عظيم عورت پاور ۾ اچي ڪڏهن به ڪنهن کان ڪو انتقام نه ورتو،اهائي هن جي اصل بهادري ۽ ڪردار جي بلندي هئي جو جڏهن هن تي حملو ٿيو ته هر فرد ان حملي کي پاڻ تي حملو سمجهيو اهڙي ڪهڙي دل هئي جتي بي بي جي غم جو تڏو نه وڇايو ويو هجي!؟

بينظير پنهنجي سياسي بصيرت سان وردي وارن ۽ انهن جي ساٿارين کان عوام ڏانهن حڪمراني منتقل ڪرائڻ لاءِ پر امن سياسي جدوجهد ڪئي هن گانڌي ۽ نيلسن منڊيلا وانگر پر امن طريقي سان ئي عوام کي حق وٺرائي ڏيڻ جو رستو اختيار ڪيو،اها ٻي ڳالهه آهي ته، هو پر امن هئي پر هن جا مخالف هٿيارن سان هئا.بينظير جي جدوجهد ئي هئي جو آنگ سانگ سوڪي کي ڪافي ماڻهو برما جي بينظير سڏڻ لڳا.تازوئي جڏهن منڊيلا سان گڏ بينظير شهيد جا فوٽو سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ۾ اچڻ لڳا ته سچ پچ دل ۾اهو خيال آيو ته،پاڪستان مان بينظير کانسواءِ ٻيو ڪهڙو اهڙو ليڊر هو،جيڪو منڊيلا سان گڏ هڪڙي ئي سوفي تي ويهڻ جي لائق هو؟ اها بينظير ئي هئي جيڪا منڊيلا جي جدوجهد مان اتساهه وٺڻ جهڙي هئي،منڊيلا جي Reconciliation Truth Commission مان سبق حاصل ڪرڻ جهڙي هئي جو هِن ڀيري ايندي ئي پاڪستان ۾ مفهامت جي ڳالهه ڪئي مشرف جهڙي آمر کي ڳالهين ۾ هارائي اقتدار کان پري ڪري ڏيکاريو. اهو به بينظير جي ئي سياسي ڏاهپ جو ڪمال آهي جو اڄ هڪ جنرل ائين قيد پيو ڪاٽي نه ته اسانجي تاريخ ۾ ائين به ڪڏهن ٿيو؟

بينظير آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ بطور شاگردياڻي به نالو ڪمايو ته وري جڏهن هو مختلف موقعن تي اتي ليڪچر ڏيڻ وئي ته اتي به پنهنجا ڪئين مداح ٺاهي آئي.صحافي ٿيڻ بينظير جي پهرين خواهش هئي،جيڪڏهن بيرحم ملڪي حالتون هن کي سياست جي گورک ڌنڌي ۾ نه ڌڪي اچن ها ته شايد بينظير اوريانا فلاسي جي معيار جي صحافڻ هجي ها پر ان هوندي به جن بينظير جون لکڻيون پڙهيون هونديون ان کي ضرور خبر هوندي ته هو بهترين نثر نويس سان گڏ شاعره پڻ هئي،هن جو جلاوطني وارن ڏينهن ۾ لکيل هڪ شاهڪار طويل نظم محمد ابراهيم جويو ترجمو پڻ ڪيو هو جيڪو اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آهي. اڄ اسان بينظير صاحبه کي گلن ۽ لفظن جي ڀيٽا ڏئي ديس جي ڏاهي ڌيءَ کي ياد ڪريون ٿا،ٽيگور سوڀي گيانچنداڻي کي Man of Moen Jo Daro جو سڏيو هو ائين بينظير اسان لاءِ women of Moen Jo Daroآهي. بينظير جي چادر هن ملڪ جي عوام جي مٿي تان کسجڻ کانپوءِ واقعي به هن ملڪ جا ماڻهو هڪ عظيم ڀيڻ جي رئي جي ڇانو کان محروم ٿي ويا آهن.

, [email protected]

Kayani advises successor to back democracy

Posted by Sana Baloch on October 13, 2013 at 11:10 AM Comments comments (0)

Gen Ashfaq Parvez Kayani, who was hailed by all quarters as a pro-democracy general during his six years as the Chief of Army Staff, on Saturday advised his yet to be named successor to continue supporting the democratic process.

“It is important that the military leadership in future also continues to play its unreserved role for strengthening of democratic system in the country,” Gen Kayani said at the passing out parade of military cadets at the country’s premier army training institute — the Pakistan Military Academy, Kakul.

His message coincided with the anniversary of the 1999 military coup in which Prime Minister Nawaz Sharif was overthrown halfway through his second term. Some analysts believe that this being possibly his last major public appearance before he retires next month, he may have chosen the occasion to publicly convey the messages that may have been in his mind.

Apart from his call for continuing support for democracy, the general shared the army’s views on the government’s proposed dialogue with the militants. Gen Kayani reiterated the military’s support for the government’s plans to hold dialogue with militants, but at the same time challenged the commonly held notion that a military operation against terrorists was no solution.

“Force can be used as a last resort. If such an eventuality arises, the army is capable of effectively using it (force). There is no confusion in army about its role in any of the two situations,” he said.

About continuity in the democratic process, the army chief said it was a reflection of efforts to put the country back on track after mistakes of the past.

“Today we can say that decisions regarding the destiny of the people of this country are being taken by their (political) leadership. This success is an appropriate and strong reply to those who had turned their rumour-mongering about the future of this great country into a business.”

Alluding to interruptions in democracy because of military coups, Gen Kayani said the country had left behind the “painful history” of protracted experiments. The elections in 2008 and 2013, he maintained, had “laid the foundation” for a democratic and prosperous Pakistan and it was for the “current and incoming” leaders to ensure that the “building is properly constructed”.

The general, who at the start of his speech said that he was sharing the gist of his experience, prescribed building of “mutual trust between state institutions” and, more specifically, inspiring confidence in civil-military contacts as a recipe for continuing the democracy project.

“This (trust-building between the army and the civilian leadership) has begun and it should be continued,” he added.

DIALOGUE WITH MILITANTS: Much like his previous statements on the proposed dialogue, he began by saying that civilian leaders had chosen the dialogue path and it was up to them to decide about its parameters, but at the same time advised the government that “the dialogue should unite the nation and not divide it”, and that “it is important to find a solution while remaining within the confines of the constitution”.

Rejecting the argument that military operations had failed to address the problem of militancy, Gen Kayani said it was “far from reality” and reminded its proponents that re-establishing writ of the government over 37,000 square kilometres was no small achievement.

He recalled the time when gun-toting gangs of militants were barely 100kms from the federal capital and killing of people had turned the Sabz Chowk of Mingora (Swat) into a “Khooni (bloody) Chowk”.

Successful operations in Swat, South Waziristan, Orakzai, Mohmand, Bajaur, Dir and Teerah for freeing these areas from the shackles of terrorists, he added, needed no one’s acknowledgement.

US President Barack Obama and his wife Michelle welcomed Malala and hailed for her “inspiring and passionate” work on behalf of girls in Pakistan

Posted by Sana Baloch on October 13, 2013 at 11:05 AM Comments comments (0)

The United States joins with the Pakistani people and so many around the world to celebrate Malala's courage and her determination to promote the right of all girls to attend school and realize their dreams,” a White House statement said.

“We salute Malala's efforts to help make these dreams come true.”

Obama met with Malala on the same day the Nobel Peace Prize was awarded to the Organisation for the Prohibition of Chemical Weapons.

The Pakistani teen had been considered a front-runner for the prize and was in Washington to speak at two events.

The teen said in a statement after the meeting that she was honored to meet with the president, who is a Nobel Peace Prize recipient.

''I thanked President Obama for the United States' work in supporting education in Pakistan and Afghanistan and for Syrian refugees. I also expressed my concerns that drone attacks are fueling terrorism. Innocent victims are killed in these acts, and they lead to resentment among the Pakistani people. If we refocus efforts on education it will make a big impact,'' she said.

She called for greater cooperation between the governments of the United States and Pakistan.

The White House said in a statement that Malala met with the president and first lady in the Oval Office where the president signed a proclamation to mark Friday as the International Day of the Girl.

The proclamation says in part that ''on every continent, there are girls who will go on to change the world in ways we can only imagine, if only we allow them the freedom to dream.''

Malala was shot in the head in October 2012 while she was going home from school. She was flown to a hospital in Britain, where she now lives.

Her memoir ''I am Malala'' was published Tuesday.

On Friday she spoke at a World Bank event and was scheduled to speak at a book event at the Sidwell Friends School, which Obama's daughters attend.


Rss_feed