|
آءُ عورت زاد آهيان!!!
جنم جنم کان اڌورو سوال آهيان،
پن ڇڻ جهڙن ڏينهن ۾،
جياپي جي بهار آهيان.
ڪنهنجي دل جي جاگير،
ڪڏهن ڪهاڙي جو وار آهيان،
مان ستن قرآنن جي برابر،
ڪٿي حويلي جي ديوار آهيان.
مان هر روپ ۾ محبت،
خوشيءَ جو سينگار آهيان.
ڪهاڙي ۽ چاقوجي هيٺيان،
ڪنهنجي انائن جو وار آهيان.
نيري آسمان هيٺيان،
پنهنجو عڪس ڳولهيندڙ،
آءُ عورت زاد آهيان...!!!
_ ثنا عباس دشتي
Categories: None
The words you entered did not match the given text. Please try again.
Oops!
Oops, you forgot something.